راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لاڳاپن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.ملائيشيا جي وزيراعظم انوراد برهم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورا مڃيندي چيو ته ان دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف صدر هائوس ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.










