انساني سمگلر عمران عرف ٽوني مصر ۾ انٽرپول ذريعي گرفتار

انساني سمگلر عمران عرف ٽوني مصر ۾ انٽرپول ذريعي گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)انساني سمگلر عمران عرف ٽوني کي انٽرپول ذريعي مصر ۾ گرفتار ڪيو ويو.ايف آءِ اي موجب، جوابدار جون 2023 جي يوناني ٻيڙي حادثي جو مکيه ملزم آهي، جيڪو حادثي کان پوءِ ليبيا فرار ٿي ويو ۽ مصر ۾ لڪي ويو. ايف آءِ اي موجب، گرفتاري کان پوءِ جوابدار کي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت جوابدار جو نالو ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو