لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان لميٽيڊ (اڳوڻي اين ٽي ڊي سي) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پنهنجي 297 هين اجلاس ۾ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) انجنيئر محمد شاهد نذير کي اين جي سي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان حوالي سان هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. انجنيئر شاهد نذير اڳ ۾ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) جون ذميواريون سنڀالي رهيو هو، انجنيئر محمد شاهد نذير يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور مان اليڪٽريڪل پاور انجنيئرنگ ۾ بيچلر ڊگري، يونيورسٽي آف سائوٿ ايشيا لاهور مان اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۾ ماسٽر ڊگري ۽ يونيورسٽي آف پنجاب لاهور مان ايم بي اي فنانس جي ڊگري مڪمل ڪئي. هن پنهنجي 32 سالن جي ڪيريئر ۾ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي قومي پاور ٽرانسميشن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انجنيئر شاهد نذير مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ سي پيڪ تحت داسو ٽرانسميشن لائن پروجيڪٽ جي چيف انجنيئر طور ڪم ڪيو ۽ ڊيپوٽيشن تي پرڏيهه ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان اڳ، موجوده مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر محمد وسيم يونس ڪالهه (خميس) پنهنجي مدت پوري ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويو. انجنيئر وسيم يونس گذريل ڏينهن آفيسرن ۽ ملازمن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. انجنيئر شاهد نذير کي اين جي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جو چارج اسٽاپ گيٽ بنيادن تي ڏنو ويو آهي ۽ مستقل ايم ڊي جي مقرري تائين اهي ذميواريون سرانجام ڏيندو. مقرري جي اطلاع تي، انجنيئر شاهد نذير چيو ته هو بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران ظاهر ڪيل اعتماد تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو، هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته اين جي سي جا جاري منصوبا وقت تي مڪمل ڪيا ويندا.










