اميد ته نگران وڏي وزير جو نالو سڀاڻي فائنل ٿي ويندو: رعنا

اميد ته نگران وڏي وزير جو نالو سڀاڻي فائنل ٿي ويندو: رعنا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راڻا انصار چيو آهي ته اميد آهي ته سڀاڻي نگران وڏي وزير جو نالو فائنل ٿي ويندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رعنا انصار چيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي کي فائنل ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي، اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي، اميد آهي ته نالو فائنل ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي قيادت صلاح مشوري کانپوءِ نالو ڏينداسين، قيادت پاران جيڪو نالو ڏنو ويو آهي اهو پيش ڪنداسين.سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سان مشاورت جو ٻيو دور هو، نگران وڏي وزير لاءِ درجنين نالا سامهون آيا آهن،هن چيو ته هو وڏي وزير جي ڏنل نالن تي صلاح مشورا ڪندا، جي ڊي اي وٽ به نگران وڏي وزير لاءِ نالا آهن، هڪ نالي تي اتفاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.رعنا انصار چيو ته نالي تي اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، نگران وڏي وزير لاءِ جيڪي به نالا آهن اهي سڀ قابل احترام آهن

پهنجو تبصرو موڪليو