اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪيو. وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ جي خطري کي ٽارڻ لاءِ سيڪريٽري روبيو جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت ٽرمپ جا مثبت بيان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ حوصلا افزائي ڪندڙ آهن ۽ پاڪستان سڀني حل طلب معاملن تي هندستان سان بامعني ڳالهين لاءِ تيار آهي.هن چيو ته والاريل ڪشمير، سنڌو پاڻي معاهدي، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.وزيراعظم ايران-اسرائيل بحران جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي واپار، توانائي، آئي ٽي ۽ معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي.هن پابندي مڙهيل بي ايل اي، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين انتها پسند گروپن خلاف آپريشن جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.وزيراعظم صدر ٽرمپ سان فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات کي مثبت قرار ڏنو. بيان موجب، پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم صدر ٽرمپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا هر قسم جي دهشتگرد خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪندو.آمريڪي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن ذريعي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان سان ويجهڙائي سان تعاون جاري رکندو.










