الله جي هدايت ملي آهي پردي ۾ رهندس نصرت عباسي

خيرپور(ن سنڌيار) جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي پردي ۾ رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن سلسلي ۾ نصرت سحر عباسي سوشل ميڊيا ذريعي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مان کي الله جي طرفان هدايت ملي آهي ته اسلامي طريقي مطابق پنهنجي زندگي گذاريا تنهن ڪري مان اڄ کان پوءِ پردي ۾ رهي اسلامي طريقي تي زندگي گذاريندس مان جيستائين زنده آهيان تيستائين اسلامي طريقي سان زندگي گذاريندس، هن سڀني مسلمان عورتن چيو ته اهي به پنهجي زندگي دين ۽ اسلام واري طريقي سان گذارين هن چيو ته دين اسلام واري طريقي سان زندگي گذارڻ سان هن دنيا  ۾ به بهتري ٿيندي ۽ آخرت به سنوار جي ويندي هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته پنهنجي ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم ڏيارن ته جيئن جهالت جو کاتمو ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو