اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) افغانستان کان پاڪستان هٿيار سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پرڏيهي هٿيارن جي هڪ وڏي کيپ کي پاڪستان ۾ اسمگل ڪندي پڪڙيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 جنوري تي غلام خان بارڊر ٽرمينل تي هٿيارن سان ڀريل هڪ ٽرڪ پڪڙيو ويو هو. ٽرڪ مان جديد پرڏيهي هٿيار ۽ ميگزين هٿ ڪيا ويا هئا.سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته برآمد ٿيل پرڏيهي هٿيارن ۾ 26 ايم 16 رائفلون، ايم 4 رائفلن جا 292 ميگزين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ گوليون شامل آهن.قبضي ۾ ورتل هٿيارن ۾ نو ڪلاشنڪوف ميگزين، 244 گوليون، ۽ 744 لائيٽ مشين گن جون گوليون پڻ شامل آهن.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل هٿيار ٽرڪ جي ڊرائيور ڪيبن ۾ هڪ خفيه هنڌ تي لڪايا ويا هئا. ٽرڪ ۾ هٿيارن جا ڪمپارٽمينٽ افغانستان ۾ ٺاهيا ۽ پيڪ ڪيا ويا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي هٿيار ۽ گولا بارود پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ جو ارادو هو. ڪيترن ئي موقعن تي، فتنه الخوارج جي پرڏيهي ويڙهاڪن کان پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.










