اشتهار ڏيندڙ بل بورڊ هٽائين يا ڪارروائي لاءِ تيار رهن: گورنر

اشتهار ڏيندڙ بل بورڊ هٽائين يا ڪارروائي لاءِ تيار رهن: گورنر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري خبردار ڪيو آهي ته شهر مان سمورا اشتهاري بل بورڊ هٽايا وڃن ٻي صورت ۾ ايندڙ هفتي کان ڪارروائي ڪئي ويندي.گورنر سنڌ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر سيف الرحمان سان گڏ الله دين پارڪ جو دورو ڪيو.ان موقعي تي هن چيو ته هتي خوبصورت پارڪ ٺاهينداسين، جنهن جو نالو جناح پارڪ رکنداسين، هاڻي ڪراچي ۾ ڏينهن رات ترقياتي ڪم ٿيندا نظر ايندا.ان کان اڳ هن جاري 5 ڏينهن واري عالمي ڪتاب ميلي جي ٽئين ڏينهن ڪراچي ايڪسپو سينٽر جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.سنڌ جي گورنر چيو آهي ته هر فرد کي پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل سٺي تعليم ڏئي سگهي، سٺا ڪتاب نوجوانن کي ڏوهي ٿيڻ نه ڏيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو