ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم ۽ وومين ڊولپمينٽ جي نگران صوبائي وزير راعنا حسين شاهه چيو آهي ته اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ سبب تدريسي عمل متاثر ٿيو آهي، جنهن کي نگران صوبائي حڪومت جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر روزاني بنيادن تي اسڪولن جو دورو ڪن ۽ مھيا ڪيل آن لائن پليٽ فارم تي مانيٽرنگ رپورٽ جمع ڪرائڻ کي يقين بنايو وڃي. اها ڳالهه ھن اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ درسي ڪتابن جي ڇپائي، درست ڊيٽا سسٽم جي بهتري، وائبل اسڪول کولڻ کانپوءِ سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم جي بهتري بابت قدمن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو، اسپيشل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن آغا شاهنواز بابر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فوزيه خان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڊويزنل ڊائريڪٽرن، ضلعي تعليمي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته شاگردن جو صحيح انگ ڪيترو آهي. جيستائين شاگردن جي ڊيٽا صحيح انداز ۾ پيش نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ڪتابن جي طلب جي خبر نه پئجي سگھندي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نئين ڀرتين سان تدريسي علم ۾ بهتري آئي آهي، استادن جي کوٽ ختم ٿيڻ سان اسڪول فعال ٿيا آهن ۽ داخلا جو تناسب به وڌيو آهي. داخلا ۾ واڌ سان ڪتابن جي طلب ۾ به اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته شاگردن جي صحيح ڊيٽا جي مدد سان ڪتابن جي ڇپائي ۽ آئينده کوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو صوبائي حڪومت ان مسئلي کي ھنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون پڻ وٺي رھي آھي، صوبائي وزير رعنا حسين هدايت ڪئي ته ڪنهن به ويئر ھائوس ۾ ڪتاب موجود نه هئڻ گهرجن، ان ڏس ۾ شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪتابن جي کوٽ سبب تعليم جو تدريسي عمل متاثر ٿيو آهي، ان کي ليسن پلان تحت هلائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. رعنا حسين چيو ته ڊي اي اوز روزاني بنيادن تي اسڪولن جو دورو ڪن ۽ مانيٽرنگ رپورٽ مھيا ڪيل آن لائن پليٽ فارم تي پيش ڪن. هن چيو ته في الحال استاد به سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ويب سائيٽ تي موجود ڪتاب استعمال ڪري سگهن ٿا. رعنا حسين چيو ته تعليم جي ترقيءَ لاءِ جيترو ٿي سگهي آن لائين طريقي جي پڻ مدد ورتي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي، جنهن تي جلد عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته سرڪاري اسڪولن جو مثت تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ بورڊ جا امتحان پاس ڪندڙ شاگردن جا نتيجا اسڪولن کان ٻاهر پڻ لڳايا وڃن ته جيئن والدين جو اعتماد بحال ٿي سگھي. صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته استادن کي بي ايڊ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽيچرز لائسنسنگ پاليسي موجب صوبي ۾ ايندڙ وقت ۾ لائسنس رکندڙ استادن کي پڙهائڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته نان وائبل اسڪولن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ وائبل بڻائي کولڻ جون شڪايتون آهن، استادن کي اهڙن اسڪولن ۾ نه موڪليو وڃي. صرف وائبل ۽ ضرورت جي مطابق اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ انهن کي سهولتون پڻ فراهم ڪيون وڃن. صوبائي وزير هدايت ڪئي آهي ته ايس ايم سي فنڊن کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته اسڪولن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي حوالي سان ڊي اي اوز سان مشاورت ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن اسڪولن جي حالت بھتر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي. اجلاس جي موقعي تي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر رعنا حسين اسڪولن جي درست انگن اکرن گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيٽا ميڪنزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.










