ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ ۾ مسلسل ستين ڏينهن ۾ به سرڪاري ملازمن جو پينشن ڪٽوتين ۽ الائونس نه ڏيڻ خلاف احتجاج جاري آهي،سرڪاري آفيسن جي تالابندي ۽ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب شهري ۽ مريض پريشان ٿي ويا،اسڪولن جي مسلسل بندش سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي،ڪراچي،حيدرآباد،ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ احتجاج جاري آهن،سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ڪارنهوار ٺپ ٿي ويو










