اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس 28 جنوري تي 12 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پي ٽي آءِ اڃا شرڪت کان انڪار ناهي ڪيو.حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڃا تائين تحريري جواب نه ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڳالهيون ختم ڪري رهيا آهن.










