ٺٽو(ڊر)سول اسپتال جي ملازمن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران ڊاڪٽرن ۽ عملي کي تحفظ ڏيارڻ سميت ملازمن جي رھائشي ڪالوني جو بند ٿيل گئس جي بحالي لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. سول سرجن آفيس کان اسپتال جي گيٽ تائين جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن حاجي اشرف خشڪ، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ، ڊاڪٽر ذوالفقار، ڊاڪٽر محمود، ڊاڪٽر شيام ڪمار، منظور چانڊيو، حاجي ابراھيم سميجو، علي خاصخيلي، لياقت عباسي، معشوق پنھور، گڊو لاھوتي خشڪ، اسلم خشڪ، بچل پنھور، عزيز پليجو، شاھنواز خشڪ، اسلم بروھي، ربڏنو ڇٽو، انيل ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ۾ صحت کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو تہ سول اسپتال ٺٽو جا ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون توڙي پيراميڊيڪل جو عملو غير محفوظ بڻيل آھي، جن تي اسپتال اندر ڊيوٽي ڪندي حملا ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھي، پر اسپتال ۾ مقرر پوليس اسانجو ڪوبہ تحفظ ڪرڻ لاء تيار ناھي ۽ نہ ئي انتظاميہ ڪو تحرڪ وٺي ٿي جنھن ڪري ڊاڪٽر توڙي عملو سخت پريشان آھي، ان کانسواء صحت کاتي جي ملازمن جي رھائشي ڪالوني جو بند ٿيل سوئي گئس بہ بحال ٿي ناھي سگھيو، جنھن ڪري ملازمن جو وقت سر رڌ پچاء بہ ٿي نٿو سگھي. ھنن گھر ڪئي تہ اسپتال ۾ ملازمن جي تحفظ لاء پوليس بجاء رينجرز کي مقرر ڪري کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت ملازمن جي رھائشي ڪالوني جو بند ٿيل سوئي گئس بحال ڪري اسپتال مان دوائن ۽ عملي جي کوٽ ختم ڪري ملازمن کي ورديون ڏيئي کين ليب، ايڪسري سميت سندن سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، بئي صورت ۾ جائز مسئلا حل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ روزانو 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڇڏ ھڙتال سميت ايندڙ سومر کان اسپتال ۾ ڪئمپ قائم ڪري مسئلن جي حل تائين جدوجھد کي جاري رکيو ويندو.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا