ڇڏيندي۔ ڪروڙين پاڪستانين کان ووٽ جي ذريعي پنھجن حڪمرانن کي منتخب ڪرڻ جو حق کسيو پيو وڃي.اسٽيبلشمنٽ جي اھا روش ڪنھن وڏي عوامي انقلاب جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن جماعت اسلامي جي80 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ميرپور خاص ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب اميرمولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسن محنتي، محمد افضال آرائين، حاجي نور الاهي مغل، محمد رفيق چوهاڻ، عبدالرشيد شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪنونشن ۾ شھرين واپارين صحافين، عالمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سراج الحق پنھجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته تبديلي جي نالي تي مختلف مافياز کي ملڪ ۽ قوم تي مسلط ڪري عوام کي مھانگائي بيروزگاری جي دلدل ۾ وڌو ويو آهي. ماڻھو پنھجي ٻارن سميت آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، لکين نوڪرين ڏيڻ جي واعدن کي پورو ڪرڻ بدران ڪروڙين ماڻھن کان روزگار کسيو ويو. ٽهريڪ انصاف قرضن عيوض ملڪ گروي ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته افغانستان دنيا جي ٻن سپر پاورز کي سشڪست ڏني ته پاڪستان لاءِ ڀارت ڪهڙي شئي آهي.










