اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته نئون مينڊيٽ 5 سالن لاءِ هوندو:اي سي پي

اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته نئون مينڊيٽ 5 سالن لاءِ هوندو:اي سي پي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته نئون مينڊيٽ 5 سالن لاءِ هوندو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ تاريخ تي ڪرائڻ آئيني گهرج ناهي، اسيمبليون ٽوڙڻ جي صورت ۾ سمورين اسيمبلين ۾ ننڍي چونڊن نه ٿيندي.اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن استعيفائون منظور ڪيون ويون قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ڪئي ويندي، پر جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون پونديون، 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرائڻ آئيني گهرج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو