اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ 16 ڏينهن کانپوءِ پروازون بحال

اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ 16 ڏينهن کانپوءِ پروازون بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ پي آءِ اي جو هوائي رابطو 16 ڏينهن کانپوءِ بحال ڪيو ويو، پي آءِ اي جون اڏامون پي ڪي 325 ۽ 326 آخري ڀيرو 9 آڪٽوبر تي هلنديون هيون.اڄ به پي آءِ اي جون اڏامون معمول موجب ڪوئيٽا کان روانيون ٿينديون آهن، جڏهن ته فيصل آباد ۽ ملتان جون اڏامون 100 سيڪڙو بحال آهن. 18 ڏينهن ۾ پي آءِ اي جون 772 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن ۽ مسافرن کي 50 ڪروڙ رپيا واپس ڪيا ويا آهن جڏهن ته مجموعي طور تي پي آءِ اي کي 7 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي دبئي جي اڏام 213، ڪراچي تربت 501، ڪراچي سکر جي 536، 537 اڏامون اڃا تائين منسوخ آهن جڏهن ته لاهور جده پي ڪي 859 ۽ شارجه لاهور ويندڙ پي ڪي 186 اڃا تائين منسوخ آهن. سيالڪوٽ دبئي پي ڪي 179، 180، اسلام آباد تربت 509، 510، جده 841 دبئي 233، 212 شارجه 182، پشاور شارجه 257، 258 ۽ جده 736 به منسوخ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو