اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس دهشتگردي ڪيس ۾ سينيئر صحافي مطيع الله جان کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مطيع الله جان جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP)، ڪميٽي ٽو پروٽيڪڪٽ جرنلسٽس (CPJ)، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ)، ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (AMND) ۽ سينيئر صحافين الله جان جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته سندس گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي وڃي. فوري طور ڇڏيو وڃي،ان کان اڳ مطيع الله جان جي پٽ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس والد کي گذريل رات پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) مان نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو هو. اسلام آباد جي مارگا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪرايل فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) موجب پوليس رات 2 وڳي اسلام آباد ۾ مارگلا روڊ تي ناڪابندي ڪئي هئي جڏهن ايف 10 تيز رفتاري سان اچي رهي هئي روڪڻ جو اشارو ڪيو،جڏهن ته ڊرائيور پوليس اهلڪارن کي مارڻ جي نيت سان ڀڄي ويو،ايف آءِ آر موجب گاڏي ۾ سوار شخص ٻاهر نڪتو ۽ پوليس ڪانسٽيبل مدثر تي تشدد ڪيو ۽ کانئس سرڪاري ايس ايم جي رائفل کسي ورتي، اهلڪارن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.ايف آءِ آر موجب موقعي تي موجود اهلڪارن ڪار ڊرائيور کي قابو ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ مطيع الله جان ولد عبدالرزاق عباسي طور ٿي.ايف آءِ آر موجب گرفتاري وقت مطيع الله جان کي نشي جي حالت ۾ مليو، جنهن دوران گاڏي جي تلاشي ورتي وئي ته ڊرائيور جي سيٽ جي هيٺان سفيد شاپر مان 246 گرام برف ملي.










