اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته موجودا حڪومت عوم جي ڊپ کان چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته موجودا حڪمران جهموريت جا بنيادي اصول پائمال ڪري رهيا آهن، صورتحال اِها آهي جو سرعام آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.حڪومت تي تنقيد ڪندي سندس چوڻ حڪمران عمران خان ۽ عوام کان ڊنل آهن ۽ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، سمورا حڪومتي حربا ناڪام ٿي چڪا آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته موجودا حڪومت وفاق ۾ مڪاني چونڊن ۾ تڪبنديون وڌائي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ ڪيئي بدنيتي تي ٻڌل قدم کنيا پيا وڃن.اسد عمر چيو ته حڪمران پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ آخري حربو استعمال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ کين ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو، پهريان هو حڪومت ڪراچي ۽ پشاور ۾ چونڊن کان ڀڳا ۽ هاڻي هو اسلام آباد ۾ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته خيرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي ۽ هن رجيم چئينج آپريشن ملڪ کي گذريل اٺن مهينن کان تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. هن چيو ته مونکي لڳي ٿو ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ وارو معاملو عدالت ۾ ويندو نظر اچي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته فوجي قيادت چئي چڪي آهي ته ادارو ملڪي سياست ۾ مداخلت نه ڪندو ۽ اسان پراميد آهيون ته هو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندا، اسان رڳو عوام ڏانهن واجهائي رهيا آهيون اسان ڪنهن سگهاري قوت يا اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نه پيا ڏسون.










