اردو ڪانفرنس جو افتتاح، ڪانفرنس دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ بڻجي چڪي

اردو ڪانفرنس جو افتتاح، ڪانفرنس دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ بڻجي چڪي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عالمي اردو ڪانفرنس رڳو شهر ڪراچي، صوبي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ اسانجي سڃاڻپ ۽ هڪ برانڊ آهي جيڪا گذريل 16 سالن کان لڳاتار منعقد ٿي رهي آهي. بين الاقوامي اردو ڪانفرنس اسان جي نه بلڪه سڄي ملڪ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ان سان قلم ڌڻين ۽ ڏاهن، ميڊيا، سماج ۽ خاص ڪري نئين نسل لاءِ گڏجي ويهڻ، سکڻ، سيکارڻ ۽ تهذيب و ثقافت لاءِ نوان معيار پيدا ڪرڻ جو هڪ موقعو ملندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد 16هين عالمي اردو ڪانفرنس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاڳاپل سرڪاري ڪامون سميت آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه، گورننگ باڊي جي ميمبرن، دانشورن، اديبن، صحافين ۽ سمورن نمائندن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي آهي ته آئون اڄ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ 16هين عالمي اردو ڪانفرنس جي موقعي تي دانشورن ۽ اديبن وچ ۾ موجود آهيان ۽ اڄ احمد شاهه صاحب اهو ثابت ڪيو آهي، ادب سان پيار دل سان ڪيو وڃي ته ان ۾ ٽڙيل ٻوٽا سدابهار هوندا آهن. هن چيو ته سڀ کان پهرين آئون احمد شاهه ۽ سندس ساٿين کي هن اهم ۽ ناليواري ادبي ميلي جي ڪامياب انعقاد تي واڌايون ڏيان ٿو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته علم، ادب، فن ۽ ثقافت لاءِ سندس جنون ۽ محبت ۽ ڏينهن رات محنت شامل آهي. وڏي وزير چيو ته علوم ۽ فنون انسان جي خوبيون آهن. فطرت انسان کي سوچ ويچار، احساس ۽ جذبن سان ڀريل دل، تخليقي صلاحيت، ڳالهائيندڙ ٻولي، اخلاقي احساس ۽ جمالياتي ذوق عطا ڪيو آهي، انهن نعمتن ڪارڻ انسان ٻين کان مختلف ۽ برتر بڻيو آهي. هن چيو ته ادب جو مطالعو هميشه فردن ۽ قومن کي باشعور، متوازن، باوقار، انسان دوست، همدرد ۽ نفيس بنائڻ جو ذريعو رهيو آهي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته ادب ۾ سماج کي تبديل ڪرڻ جي اڻ ڏٺي طاقت آهي جنهن جو مشاهدو هندستان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڪيو. هن چيو ته ادب ۽ ثقافت ذريعي فردن ۽ قومن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ نهايت ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو ويندو آهي جن قومن ان ۾ ثابت قدمي ڏيکاري آهي اهي تاريخ ۾ پنهنجي منفرد مقام سبب اڄ مهذب قومون سڏجن ٿيون. وڏي وزير چيو ته جن شخصيتن ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو اهي امر ٿي ويا، سندس علمي ۽ تخليقي صلاحيت اسان جي مجموعي مثبت سماجي تبديلين جو سبب بڻي جنهن سبب هو تاريخ جي ورقن ۾ زنده آهن. ان موقعي تي اردو ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته 16هين عالمي اردو ڪانفرنس جو اعزاز ادب جي انهن وڏن ناميارن نالن سان منسوب آهي جن ناليوارن اديبن کي نه رڳو احترام سان ياد ڪيو ويندو پر سندن علمي پورهئي ۽ ادبي خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ان ڳالهه جي پڻ سرهائي ٿي آهي ته 16هين عالمي اردو ڪانفرنس ۾ هميشه جيان سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي ۽ پاڪستان جي سڀني ٻولين سان محبت ڪندڙن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته عالمي اردو ڪانفرنس اسان کي نه پر سڄي ملڪ لاءِ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ان سان علم ۽ ڄاڻو اديبن، ميڊيا، سماج ۽ خاص ڪري نئين نسل کي گڏ ويهارڻ، سکڻ، سيکارڻ ۽ تهذيب و تمدن ۾ نوان رجحان ۽ لاڙا پيدا ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن سماج کي بهترين سماجي تبديلين ذريعي امن ۽ ڀلائيءَ جو گهر بڻائڻو آهي ته پوءِ اسان کي به پنهنجي علمي، فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان روشن خيال ۽ امن پسند ماڻهو آهيون پر پوءِ به اسان تي اهڙا الزام لڳايا وڃن ٿا جن جو جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ساک کي مثبت رکڻو آهي. اسان ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ذريعي دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته اسان ائين نه آهيون جيئن توهان سوچيو ٿا، اسان بنيادي طور پر امن پسند ۽ پيار ڪندڙ آهيون. اسان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي روايتون هڪ مهذب قوم جو آئينو آهن. اسان جو ادب اسان جي بهترين قدرن جو ثبوت آهي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته مونکي اهو ٻڌي گهڻي خوشي ٿي آهي ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي احمد شاهه جي اڳواڻي ۾ ادب ۽ فن جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان لٽريچر فيسٽيول ذريعي اهي شهر نه رڳو فن ۽ ثقافت جي خدمت ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جو روشن چهرو به دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهن ۽ ادب ۽ فن جا عاشق سندن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل جا يوٿ فيسٽيول، ٿيٽر فيسٽيول، ميوزڪ فيسٽيول ۽ ٻيا ادبي ۽ ثقافتي تقريبون ۽ ميلا مثالي آهن، ان مان اسان جي نوجوانن کي خاص طور تي فائدو ٿيو آهي. نوجوان مثبت مشغلن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺي غلط ۽ ناڪاري سرگرمين کان پري رهن. تقريب جي آخر ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي ملڪ جي شان کي مٿانهون رکڻو آهي ۽ ان لاءِ اسان جا قلم ئي اسان جو هٿيار آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو