ارباب تي حملي خلاف احتجاج، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم جي خاص معاون ارباب غلام رحيم تي مبينا حملي جو نوٽيس وٺندي  ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا واقعا ۽ حرڪتون غير جمهوري عمل آهن. گذريل ڏينهن مير اعجاز ٽالپر جي وفات تي عذر خواهي تي وڃڻ وقت ٽنڊو محمد خان ۾ مٿس حملو ٿيو هو. ارباب غلام الرحيم جو چوڻ آهي ته مٿس منشيات فروشن حملو ڪيو. ٻئي پاسي ٿر جي ڪجهه شهرن ۾ ارباب مٿان حملي خلاف سندس حامين احتجاجي مظاهرا به ڪيا آهن. مٺي، ڇور، ڪلوئي، نئون ڪوٽ ڏيپلو، اسلام ڪوٽ۽ ڇاڇرو سوڌو مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ ارباب غلام رحيم تي حملو ڪري سياست ۾ غلط روايت قائم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو