ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب مختلف ايئر لائنز جون اڏامون دير جو شڪار آهن.ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام ۾ 3 ڪلاڪ دير ٿي وئي آهي، اڏام صبح 7 وڳي رواني ٿيندي هئي جيڪا هاڻي صبح 10 وڳي رواني ٿيندي.اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام 301 به 3 ڪلاڪ دير جو شڪار آهي، پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 301 منجهند 1 وڳي رواني ٿيندي.ڪراچي کان لاهور جي اڏام پي ڪي 304 ۽ 306 به 2 ۽ 2 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته لاهور کان ڪراچي ايندڙ نجي ايئر لائن جي اڏام 3 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي.ان کان علاوه اسلام آباد کان نجف، دبئي، العين ۽ جده لاءِ اڏامون به دير جو شڪار آهن.










