زرداري سان بلوچستان جي سياسي اڳواڻن جي ملاقات، پي پي ۾ شامل

زرداري سان بلوچستان جي سياسي اڳواڻن جي ملاقات، پي پي ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ بلوچستان جي اهم سياسي اڳواڻن پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، آصف زرداري اهم اعلان تي بلوچ اڳواڻن کي مبارڪباد پڻ ڏني.پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن ۾ سردار فتح محمد، نوابزاده گزين مري، طاهر محمود، نوابزاده جمال رئيساڻي، مير فريد رئيساڻي، مير عبدالله راهوجا ۽ مير الله بخش رند شامل آهن.ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو تاريخي رشتو آهي، پيپلزپارٽي هميشه بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي سياست ۾ سڀ کان مضبوط پارٽي آهي، پيپلزپارٽي بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد تي سمجهوتو نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو