آصفه ڀٽو زرداري پاران ثنا يوسف جي قتل جي مذمت

آصفه ڀٽو زرداري پاران ثنا يوسف جي قتل جي مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ 17 سالن جي شاگردياڻي ثنا يوسف جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته ثنا يوسف کي سندس 17 هين سالگرهه جي شام قتل ڪيو ويو هو. آصفه ڀٽو زرداري هن واقعي کي عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد جي ڏکوئيندڙ ياد قرار ڏنو آهي صرف پنهنجن حقن جو اظهار ڪرڻ تي ۽ ثنا جي وارثن، برادري ۽ هن المناڪ سانحي تي سوڳوار ماڻهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو