آئيني ترميم، بلاول، مولانا ۽  اختر مينگل جي گڏيل ملاقات

آئيني ترميم، بلاول، مولانا ۽ اختر مينگل جي گڏيل ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان ۽ اختر مينگل سان گڏيل ملاقات ڪئي آهي.ٽنهي اڳواڻن جي ملاقات مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي.بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان ۽ اختر مينگل وچ ۾ ملاقات ۾ 26هين آئيني ترميم تي غور ڪيو ويو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سيد نويد قمر جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان عبدالغفور حيدري، مولانا عطا الرحمان، عثمان باديني ۽ ڪامران مرتضيٰ به گڏ هئا.سردار اختر مينگل سان گڏ اختر حسين، ايڊووڪيٽ ساجد ترين، آغا موسيٰ جان، شفقت لانگو ۽ مير جهانزيب به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو