اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ کي هٽايو ويو.اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي شڪايتن تي آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد ٻنهي کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتي.هاڻ، سيٽلمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري خرم آغا طرفان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري انوارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي بدلي لاءِ آفيسرن جي پينل جي سفارش ڪري.نگران وزيراعظم احد چيما کي هٽائڻ جي سمري به صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي.ڪابينا ڊويزن جي سمري موجب اليڪشن ڪميشن احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو.










