آءِ ايم ايف جي شرطن قومي معيشت کي مفلوج ڪري ڇڏيو

آءِ ايم ايف جي شرطن قومي معيشت کي مفلوج ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن قومي معيشت کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته پاڪستان، ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ضروري آهن.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته آمريڪا، ڀارت ۽ اسرائيل جو افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اثر رسوخ بدقسمتي هوندو، آمريڪي صدر کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي. هن چيو ته قومي اتحاد ڪائونسل جو هڪ وفد اڄ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ملاقات ڪندو.جماعت اسلامي جي نائب امير جو چوڻ آهي ته اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي مشاورتي اجلاس ۾ امن لاءِ هڪ ايڪشن پلان پيش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو