ڳوٺاڻن پاران پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو، يرغمال

ڳوٺاڻن پاران پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو، يرغمال

ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند)ڳوٺ جماالدين لاشاري ڀرسان ڊوڪيا واھ موري بس اسٽاپ ويجهو متارا هوٽل لڳ پوليس جو مبينا جوا جي اڏي تي ڇاپو  2 اهلڪار مرتضي لغاري؛ عباس رند؛ زخمي ٻي طرف ڳوٺاڻن هڪ پوليس اهلڪار عبدالجبار جوڻيجو کي يرغمال بڻائي 3 ڪلاڪ کٽ سان ٻڌي ڇڏيو واقعي واري جڳھ  پوليس جي وڌيڪ نفري  پهچي وئي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آھي ته پوليس اهلڪار بنا جواز اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا آھن جن اسان جي عورتن ٻارن سان بدڪلامي ڪئي آھي پوليس وارن  اسان مسڪينن جو  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي روز روز گهرن ۾ اچي اسان مسڪينن کي تنگ ڪيو  وڃي ٿو هوڏانهن پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته اسان جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو جنهن تي اسانکي جوارين مارڪٽ ڪرڻ سان گڏو گڏ هڪ پوليس اهلڪار کي يرغمال بڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو