گڊ گورننس ڪميٽي کي بيڊ گورننس ڪميٽي قرار

گڊ گورننس ڪميٽي کي بيڊ گورننس ڪميٽي قرار

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي مواصلات ۽ ورڪس واري وزير شڪيل خان عمران خان جي هدايت تي قائم ڪيل گڊ گورننس ڪميٽي کي بيڊ گورننس ڪميٽي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.برطرف صوبائي وزير شڪيل خان چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪرپشن جي الزامن جي عدالتي انڪوائري ٿيڻ گهرجي، مون تي لڳايل الزامن جي نيب انڪوائري لاءِ به تيار آهيان.خيبرپختونخواهه مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عمران خان جي هدايت تي قائم ڪيل ڪميٽي جي حوالي سان هن چيو ته اها سٺي نه پر بيڊ گورننس ڪميٽي آهي.اڳوڻي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عارف علوي پي ٽي آءِ باني سان جلد ملاقات جو يقين ڏياريو آهي، ملاقات ۾ عمران خان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس، 8 سيپٽمبر جي جلسي تائين خاموش رهندس، ريلي کانپوءِ عوام آڏو پنهنجو موقف پيش ڪندس

پهنجو تبصرو موڪليو