گڊو جي خراب ٿيل 6 مان 4 يونٽ بحال، سنڌ ۽ بلوچستان جزوي متاثر

گڊو(ن س) گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ سبب 600 ميگاواٽ پروجيڪٽ جي بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ نمبر 5 ، 6، 7، 9، 10 سميت 6 يونٽ بند ٿي ويا جنهن سبب نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ لڳ ڀڳ 400 ميگاواٽ بجلي جو شاٽ فال ٿي ويو ، جڏھن ته يونٽ بند ٿيڻ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻو، جھٽ پٽ، سوئي سميت ڪيتران ئي علائقن ڏانهن بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي جڏھن ته بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿيڻ بعد پاور ھائوس انتظاميه پاران گرڊ اسٽيشن ۽ 600 ميگاواٽ پروجيڪٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪري مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو جڏھن ته مسلسل 12 ڪلاڪ مرمتي ڪم ڪرڻ بعد گرڊ اسٽيشن مان فني خرابي ختم ڪري بند ٿيل بجلي پيدا ڪندڙ 6 يونٽن مان 4 يونٽ نمبر 5، 6، 7، 8 بحال ڪيا ويا ھئا جڏھن ته 600 ميگاواٽ ڪنٽرول روم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته فني خرابي پيدا ٿيڻ سبب 6 يونٽ بند ٿي ويا ھئا جن مان 4 کي ھلايو ويو آھي باقي 2 يونٽ بند پيل آھن جلد انھن کي به ھلايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو