گيٽ نمبر 4 جي سياست ناھي ايندي،عوام تي ڀروسو آھي

شانگلا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي گيٽ نمبر 4 جي سياست ناهي ايندي، مان ڪنهن ٻئي ڏانهن نٿو ڏسڻ چاهيان ۽ عوام تي يقين ڪندو آهيان.شانگلا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاسي سياست ورهائجندي پئي وڃي ته ٻئي پاسي معاشي حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن، پراڻا سياستدان اڄ به پراڻي ۽ انا جي سياست ڪري رهيا آهن، اسان جو مقابلو ڪنهن سياستدان سان نه غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي سان آهي پر پ پ ئي آهي، جنهن ماضي ۾ به توهان کي ڏکيائين مان ڪڍيو. هن چيو ته اسان کي گارگند ۽ ٽڪ ٽاڪ جي سياست ناهي ايندي، اسان کي گيٽ نمبر 4 جي سياست ناهي ايندي، مان ڪنهن ٻئي ڏانهن نٿو ڏسڻ چاهيان، عوام تي يقين رکان ٿو، ڪنهن ٻئي پاسي نه ڏسندس، نه ڪنهن کان مدد گهرندس پر عوام کان مدد گهران ٿو. سندس چوڻ هو ته منهنجو ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، اچو منهنجو ساٿ ڏيو، مان سڀني سياستدانن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، انهن وٽ رڳو پراڻي سياست آهي، جيڪا انتقام جي سياست آهي، اسان کي اهڙي سياست دفن ڪرڻي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪا ٻي سياسي جماعت ۽ سياستدان ناهي، جنهن جا هٿ صاف هجن، 18 مهينا پرڏيهي وزير رهيس، منهنجا هٿ صاف آهن، مان پنهنجو کيسو ڀرڻ بدران عوام جا کيسا ڀرڻ چاهيان ٿو، توهان سان واعدو ٿو ڪيان ته 5 سالن ۾ پگهار ٻيڻي ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو