28 سينيٽرز اثاثن جا تفصيل نه ڏنا،15 جنوري تائين مهلت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 15 جنوي تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ سينيٽرز جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي.اليڪشن ڪميشن موجب 28 سينيٽرز اڃان تائين اثاثن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا. جن ۾ يوسف رضا گيلاني، مصدق ملڪ، شاهين خالد ۽ عون عباس اثاثن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا.ان کان علاوه سيف الله نيازي، نزهت صادق، محمد علي شاهه ڄاموٽ، ميان رضا رباني، امام الدين شوقين، فيصل سبزواري، تاج حيدر، نثار کهڙو، خالده عطيب ۽ شوڪت ترين تفصيل جمع ناهن ڪرايا.لياقت خان ترڪئي، هدايت الله خان، عطاءُالرحمان، ذيشان خانزاده، ثانيه نشتر، دوست محمد خان، گرديپ سنگهه، هدايت الله، عبدالقادر، محمد قاسم، ثمينه ممتاز، سعيد احمد هاشمي ۽ دنيش ڪمار به اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو