گيس پائپ لائن اڏائڻ جو منصوبو ناڪام 3 دهشتگرد گرفتار

ڪشمور(جي ايم کوسو ) سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي  بارڊر ايريا ۾  پنجاب جي انسداد دهشتگردي پوليس يعني سي ٽي ڊي  ڪاروائي ڪري بلوچ ريپبليڪن آرمي جي ٽن مبينه دھشتگردن محمد خان ، عبدالڪريم شمباڻي بگٽي ۽ عالي شمباڻي بگٽي کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪاروائي دوران ٽنھي دھشتگردن وٽان ھڪ ڪلو وزني ريموٽ ڪنٽرول بم 3سئو گرام ھا ڌماڪيدار  بارود ، بيٽري ، تار بم ٺاھڻ جوسامان ۽ نقدي رقم برآمد ڪري ورتي. سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد سوئي گيس پائيپ لائن کي ڌماڪي سان اڏائڻ چاھن پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته کين خفيه اطلاع مليو ته چڪ سوري ٿاڻو مزاري ڳوٺ  تي پڻ ڪاروائي ڪري ھڪ وڏي دھشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي. گرفتار دھشتگردن کي اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو