سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ چار ڏينهن اڳ ٿيل ايل پي جي گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ وڌيڪ 2 زخمي فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. گمس اسپتال انتظاميا موجب اسپتال ۾ علاج هيٺ امجد چنا ۽ لياقت جمالي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آھن، 4 ڏينهن اڳ سکر جي ڊنٽر پينٽر مارڪيٽ ۾ ايل پي جي گيس جي دڪان ۾ گاڏي ڀرڻ دوران گئس سلينڊر ڦاٽڻ جو زوردار ڌماڪو ٿيو هو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ دڪان مالڪ ۽ هڪ معصوم ٻارڙي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، هن واقعي ۾ ھن وقت تائين 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
