گيس بند ٿيڻ جي ڪري صنعتي پيدوار متاثر ٿي آهي : ڌاريجو

گيس بند ٿيڻ جي ڪري صنعتي پيدوار متاثر ٿي آهي : ڌاريجو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن بابت صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گيس جي قلت جو ڪراچي سميت پوري ملڪ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گيس بند ٿيڻ جي ڪري صنعتي پيداوار متاثر ٿي آهي ۽ گهريلو صارفين پڻ مشڪلاتن جو شڪار آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي تاثر غلط آهي ته صنعتون بند ٿي رهيون آهن. صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور صدارت ۾ ان مئسلي کي سنگيني کي محسوس ڪري ورتو هو ۽ ان سلسلي ۾ هن ايران سان معاهدو جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي. جيڪڏهن ايران سان گيس سپلائي جو معاهدو طي ٿي وڃي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ صوبو وڌيڪ گيس پيدا ڪندو آهي ان ڪري سنڌ جو گيس تي پهريون حق آهي. اصولي طور تي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون آهن. وزيراعظم پاڪستان گيس جي مسئلي کي حل ڪرڻ جو ڏياريو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جلد مسئلو حل ٿي ويندو. سنڌ حڪومت هر سطح تي صنعتڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو