دڙو (ن سنڌيار) ٻنون ۽ ڀر پاسي جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو بي قابو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، سوين عورتون، ٻار جوان، پوڙھا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، سرڪاري واھر نہ ٿيڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاج، تفصيل موجب ٻنون لڳ بچاء بند ڀرسان گيسٽرو وگھي ھڪ گھر سان تعلق رکندڙ 50 سالن جي عورت ريشمان زال مائوجي ڪولھي ۽ 60 سالن جو ھمن ولد مصري ڪولھي جڏھن تہ ڳوٺ حاجي عمر لاشاري ۾ 38 سالن جو علي نواز لاشاري فوت ويا آھن، جن جا جنازا کڄڻ تي ڪھرام مچي ويو، ان موقعي تي ڪولھي برادري جي جمعو ڪولھي، مٺو ڪولھي، چيتن ڪولھي، ھمراج ڪولھي جڏھن تہ ڳوٺ عمر لاشاري جي محمد لاشاري، اقبال لاشاري، اسحاق لاشاري ۽ ٻين سجاول جي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي نااھلي خلاف سخت احتجاج ڪندي پريس ڪلب دڙو جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ گيسٽرو سبب 3 ڄڻا فوت ۽ سوين ماڻھو بيماري ۾ مبتلا آھن، جڏھن تہ صحت کاتي سميت انتظاميا ۽ ڪنھن بہ چونڊيل نمائيندي اڃا تائين اسانجي سار نہ لڌي آھي، ھنن مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جون ھنگامي ٽيمون موڪلي غريب مريضن جو علاج ڪيو وڃي. جڏھن تہ ٻنون لڳ بچاء بند ڀرسان ڪولھي برادري جي ڳوٺ سميت ڳوٺ عمر لاشاري ۾ 2 سو کان وڌيڪ معصوم ٻار، عورتون، جوان ۽ پوڙھا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، گيسٽرو سبب سرڪاري واھر نہ ٿيڻ سبب حالتون انتھائي سنگين ٿي ويون آھن. ھوڏانھن صحت کاتي ضلع سجاول جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر احمد علي پليجو رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو تہ گيسٽرو جي وڌندڙ وباء ۽ پوندڙ برساتن سبب سمورين اسپتالن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، ٻنون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڊاڪٽرن تي مشتمل ھنگامي ٽيمون روانيون ڪيون ويون آھن.










