گيانچند ايسراڻي پاران تاريخي اڏيرو لال درگاهه جو سروي ڪرڻ جي هدايت

گيانچند ايسراڻي پاران تاريخي اڏيرو لال درگاهه جو سروي ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن کاتي واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي اقليتي معاملن جي کاتي جي انجنيئرنگ ونگ کي ھاڻوڪي چوماسي جي برساتن سبب اڏيرو لال جي تاريخي درگاهه کي پھتل نقصان جو سروي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير چيو ته درگاهه اڏيرو لال سنڌ ۾ مذهبي هم آهنگي جي علامت آهي، هڪ ئي احاطي ۾ ھندو مسلمان پنهنجي پنهنجي طريقي سان مذهبي عبادت ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ھن ٻه ڏينهن اڳ اڏيرو لال درگاهه جو دورو ڪيو آهي، اقليتي معاملن کاتي جي تحت درگاهه تي مڪمل ڪيل ي ترقياتي اسڪيم جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته تازين برساتن سبب درگاهه جي تاريخي گنبذ ڊھي پيا آهن، جڏهن ته درگاهه جي ڪجهه حصن ۾ ڇت ليڪ ٿيڻ جون شڪايتون به مليون آهن. درگاهه جي رنگ ۽ روغن سميت اڱڻ جي فرش کي پڻ نقصان پهتو آهي. هن اقليتي معاملن واري کاتي جي انجنيئرنگ ونگ جي سروي ٽيم کي سڀاڻي (اڱاري) تي درگاهه تي پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته درگاهه جو سروي مڪمل ڪري تاريخي درگاهه جي مرمت جي اسڪيم تيار ڪئي وڃي. صوبائي وزير سروي ٽيم کي سختي سان هدايت ڏني ته سروي ۾ درگاهه جي انتظاميا جي مشورن کي پڻ شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو