گوگل سيڪيورٽي ايڪسچينج ۾ رجسٽر، رابطا آفيس قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گوگل پاڻ کي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ رجسٽر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ۾ پنهنجو رابطا آفيس قائم ڪري ورتو آهي. هاڻي سنگاپور مان گوگل جو هڪ اعليٰ سطحي وفد 11 ڊسمبر تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ وارو آهي ته جيئن ايندڙ هفتي کان گوگل جي آفيس جي ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري انتظام ڪيا وڃن.رابطو ڪرڻ تي گوگل جي ترجمان چيو ته، ”اسان تازو ئي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن کي ڳولڻ، مقامي سطح تي پنهنجي پروڊڪٽس ۽ سروسز کي بهتر مارڪيٽ ڏيڻ ۽ ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندڙ ٽيڪنيڪي ايڪو سسٽم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هڪ قدم شروع ڪيو آهي.“ رابطو آفيس کوليو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزير سيد امين الحق چيو آهي ته گوگل جي هڪ اعليٰ سطحي ٽيم ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندي ته جيئن ملڪ ۾ پنهنجي آفيس جي ڪم کي يقيني بڻائي سگهجي.هن چيو ته سڀ سوشل ميڊيا پليٽ فارم پاڪستان ۾ ايندا جيئن ٽڪ ٽاڪ به پاڪستان ۾ اچي پنهنجي آفيس قائم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو