گوهر جي گهر وڃڻ تي ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪار معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر جي گهر وڃڻ واري ايس ايڇ او سميت 5 اسلام آباد پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر جي گهر تي پوليس جي دوري تي پڇاڳاڇا واري معاملي تي اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو بيان سامهون آيو آهي.ترجمان موجب 13 جنوري تي پوليس هڪ مخبر جي اطلاع تي اشتهاري جي ڳولا ۾ سيڪٽر ايف 7-2 تي پهتي، پر پوليس فوري طور تي اهو معلوم ڪرڻ بعد واپس هليو ويو ته اهو گهر بيرسٽر گوهر جو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب بئريسٽر گوهر سپريم ڪورٽ ۾ پوليس جي سندس گهر وڃڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر کي طلب ڪري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته معزز عدالت آءِ سي سي پي او کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي شڪايت ذاتي طور تي ٻڌڻ جو چيو، آءِ سي سي پي او اڪبر ناصر خان بئريسٽر گوهر کي جاچ جو يقين ڏياريو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پي او ڪنهن به پوليس اهلڪار ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪارروائي جو يقين ڏياريو آهي، ڊي پي او سٽي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري 3 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايڇ او مارگلا سميت 5 اهلڪارن کي وڌيڪ اطلاع تائين معطل ڪيو ويو آهي، انڪوائري ڪئي پئي وڃي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو