گوسڙو ڊاڪٽر ڊيوٽي لڳائڻ تان ايم ايس تي مڇرجي پيو

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو پاران ڊيوٽي تان غائب رهندڙ ڊاڪٽر شاڪر ڪيريو کي عيد جي موڪلن دوران ڊيوٽي لڳائڻ تان ڊاڪٽر شاڪر ڪيريو پاران گهرايل خانگي ماڻهن ايم ايس کي مارڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تان آفيس ۾ هنگامو مچي ويو ۽ پئرا ميڊيڪل اسٽاف آفيس ۾ پهچي همٿ ڪري ايم ايس کي بچائي ورتو. ان دوران ڊاڪٽر ۽ سندس خانگي ماڻهو ايم ايس ۽ پئراميڊيڪل عملي کي ڌمڪيون ڏيندا اسپتال مان واپس هليا ويا. ايم ايس ٻڌايو ته ڊاڪٽر شاڪر ڪيريو جي ڊيوٽي آچر ۽ موڪلن وارن ڏينهن ۾ لڳندي آهي پر ان تان به اڪثر غائب رهندو آهي جنهن ڪري سندس ڊيوٽي عيد موڪلن ۾ لڳائي، کيس آرڊر ڏنو ته مڇرجي پيو. هوڏانهن پوليس ايم ايس جي فرياد تي ڊاڪٽر شاڪر، سندس ڀاءُ شاهد ڪيريو ۽ 3 نامعلوم ماڻهن سميت پنجن ڄڻڻ خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. ٻئي طرف پيراميڊيڪل عملي سان گڏ ايم ايس احتجاجي مظاهرو ڪيو۽ چيو ته جيڪڏهن حملي آور گرفتار نه ڪيا ويا ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي تحريڪ هلائي  ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو