ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 140 رپين جي گهٽتائي جي تجويز سامهون اچي وئي.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري حڪومت کي پيٽرول جي قيمت ۾ 140 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته پيٽرول 40 رپيا نه پر 140 رپيا سستو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مهانگائي سبب عوام سخت تڪليف ۾ آهي، دعا آهي ته مهانگائي به ختم ٿئي. واضح رهي ته نگران حڪومت 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو هو. هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ عوام کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ جون هدايتون ڪيون آهن.










