گوتريس سان ملاقات،تڪرارن جي حل تائين امن قائم نه ٿيندو، آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ملاقات ڪئي.ڳالهه ٻولهه ۾ آرمي چيف خاص طور ڪشمير ۽ غزه جي جاري مسئلن کي اجاگر ڪيو.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڪشمير جو ڊگهو تڪرار حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.آرمي چيف ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ڪوشش سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي آهي.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير به فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجايو.

پهنجو تبصرو موڪليو