گهوٽڪي (ن س) گهوٽڪي ۾ يونين ڪائونسل قادرپور جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي چونڊ سڀاڻي ٿيندي. جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ ۽ جي يو آءِ اميدوار آمهون سامهون آهن، بشير احمد ڀٽو پ پ، جڏهن ته برڪت علي ڀٽو جي يو آءِ جو اميدوار آهي. اليڪشن ڪميشن موجب يوسي قادرپور جي وارڊ نمبر تي ووٽن جو ڪُل انگ 35 سئو آهي ۽ سڀني پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويندا ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي.
