گهوٽڪي ۾ مبينا پوليس مقابلو، مغوي بازياب

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي علائقي رونٽي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران اغوا ٿيل هڪ ڄڻو کي بازياب ڪرايو ويو. گهوٽڪي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ مبينا مقابلي بعد يرغمالي کي بازياب ڪرايو ويو آهي. گهوٽڪي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي 3 مهينا اڳ اوبڙي وٽان پاڻي جي بندش دوران اغوا ڪيو ويو هو. پوليس موجب اغوا ڪندڙن مغوي جي وارثن کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو