”گهوٽڪي گرلز“ ڀرچونڊي پيرن جي پاڇي ۾ ڏهرڪي پهچي ويون، شاندار استقبال

ڏهرڪي (ن س) ڏهرڪي واسي ڀينرون رينا ۽ روينا جيڪي اسلام قبولن کان پوءِ ناديه ۽ آسيا سڏائن ٿيون، مڙسن سان گڏ اسلام آباد کان واپس گهوٽڪي پهچي ويون آهن. سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدي دنگ ڪمون شهيد وٽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جوڙن جو الله اڪبر جي نعرن سان استقبال ڪيو. درگاهه ڀرچونڊي شريف جي مريدن ۽ اهل سنت جي مقامي ڪارڪن جلوس جي شڪل ۾ کين ڏهرڪي   وٺي آيا. ڪاڪنن جوڙن تي گُلن جي ورکا به ڪئي. ناديه، آسيا ۽ سندن مُڙسن جي آجيان ڪرڻ لاءِ ميان مٺو ۽ ميان اسلم به ڪمون شهيد پهچي ويا. ميان اسلم پاڻ گاڏي ڊرائيور ڪري جوڙي کي ڏهرڪي وٺي آيو، جڏهن ته ميان مٺو به اُتي موجود هو. ياد رهي ته ڏهرڪي جون هي ميگهواڙ ڇوڪريون مسلمان ٿيون ۽ پاڙيوارن برڪت علي ۽ صفدر علي سان خانپور ڪٽورو ۾ مسلمان ٿيون. سند والدين ڇوڪرين جي اغوا ۽ کين زوري مسلمان ڪري شادي ڪرڻ جو الزام هنيو. سندن مڙسن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. عدالت کين حڪومتي تحويل ۾ ڏنو ۽ سندن والدين جي الزامن جي جانچ لاءِ ڪميشن ٺاهي، ڪميشن جي رپورٽ بعد عدالت کين مڙسن سان رهڻ جي اجازت ڏني ۽ هاڻي واپس ڏهرڪي آيون آهن. سندن مڙس اڳ ۾ به شادي شده آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو