”گهوٽڪي گرلز“ ڪميشن ۽ طبي بورڊ قائم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ “گهوٽڪي گرلز” جي جبري مذهب تبديل ڪرڻ ۽ سندن عمرين جي تعين لاءِ پنج رڪني ڪميشن قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهرمن الله جي قائم ڪيل ڪميشن ۾ انساني حقن بابت وزير ڊاڪٽر شيري مزاري، انساني حقن جي ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن، آءِ اي رحمان، مفتي تقي عثماني ۽ عورتن جي حقن بابت ڪميشن جي سربراه خاور ممتاز شامل آهن. رينا ۽ روينا جيڪي هاڻي ناديا ۽ آسيه سڏائن ٿيون، تن جي عمرين بابت پمز اسپتال جي ڏنل رپورٽ تي درشن لال اعتراض ڪيو جنهن تي عدالت هن تي ڪو تبصرو نه ڪيو ۽ ڇوڪرين جي والدين جي فرمائش تي ان مقصد لاءِ اعليٰ سطحي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو. وڌيڪ سماعت 11 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت نوٽيس باوجود سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ وزارت داخله جي سيڪريٽري پاران پيش نه ٿيڻ تي ناراضگي ظاهر ڪئي. عدالت ۾ ڇوڪرين جا والدين به موجود هئا. ڇوڪرين جوچوڻ آهي ته هو رضاخوشي سان مسلمان ٿيون آهن ۽ سندن والدين جو چوڻ آهي ته کين هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري جبري طور مسلمان ڪيو ويو آهي. عدالت ڇوڪرين کي وفاقي حڪومت جي حفاظتي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي ڪاروائي دوران هڪ موقعي تي ايم اين اي رميش ڪمار ڳالهائڻ چاهيو ته چيف جسٽس کيس چيو اوهين ڌر ناهيو، اوهين اسمبلي ۾ هن مسئلي تي ڇونه ڳالهايو؟ جنهن تي هن چيو ته اسمبلي ۾ اهو معاملو اٿاريو ويو هو. ميان مٺو به ڪاروائي ڏسڻ آيو ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڇوڪريون مرضي سان مسلمان ٿيون آهن هاڻي اهي واپس نه ٿينديو.

پهنجو تبصرو موڪليو