گهوٽڪي ننڍي چونڊ وڙهڻ لاءِ صلاحڪار طور مستعفي

خانپور مهر(ن س) سنڌ جي راندين بابت وزيراعليٰ جي مشير محمد بخش خان مهر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ڇو ته هو پيپلزپارٽي گهوٽڪي جي قومي تڪ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندو. ان کان اڳ پي پي لاءِ سردار محمد بخش خان مهر کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي وزير علي محمد خان مهر جي لاڏاڻي بعد اين اي 205 واري سيٽ خالي ٿي هئي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ بنگل خان مهر جيڪو سردار محمد بخش خان مهر جو ننڍو ڀاءُ آهي، پ پ پاران ڪورنگ اميدوارطور فارم ڀرائيندا. واضح رهي ته اين اي 205 تي ننڍي چونڊ 18 جولاءِ تي ٿيندي. جي يو آءِ طرفان مولانا ناصر محمود سومرو، ايس يو پي جي وڪيل لال بخش گهوٽو، ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي جي صدر وزير احمد گهوٽو سميت ٻين اميدوارن رٽرننگ آفيسر کان فارم وصول ڪيا آهن، اميدوارن طرفان فارمن جي وصولي جو سلسلو اڄ به جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو