گهوٽڪي (ن س )ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي پراڊڪشن بونس ۽ سوشل ويلفيئر فنڊ مان صحت کاتي کي مختلف اسپتالن ۽ بي ايڇ يوز لاءِ 2 ايمبولينسون ۽ علاج معالجي لاءِ ضروري مشينري توڙي اوزار فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري، ڊي ايڇ او آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ، عوامي اڳوا۾ مير نور محمد خان لنڊ ۽ آر ايم سي ماڙي پيٽروليم ڪمپني اسلم نويد سميت وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.. تفصيل موجب ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي پراڊڪشن بونس ۽ سوشل ويلفيئر فنڊ مان صحت کاتي تعلقه اسپتال ڏهرڪي لاءِ هڪ عدد جديد ڪارڊيو ايمبولينس، تعلقه اسپتال اوٻاوڙو لاءِ هڪ عدد جديد ڪارڊيو ايمبولينس سميت بي ايڇ يو عبدﷲ راڄڙي ۽ کوه نمبر 8 ڊسپينسري لوڻي لاءِ ڪلر ڊوپلر، اسٽيم انهيلر، ايڪسري الومينٽر، هيموگلوبن ميٽر، ڪارڊڪ مانيٽر، آئي سي يو وينٽيليٽر، مائڪرواسڪوپ، اليڪٽرڪ بيڊس، فيڊنگ سيٽ، بي اينڊ سي سيٽ سميت فرنيچر ۽ علاج معالجي لاءِ ضروري مشينري ۽ اوزار پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. سامان ورهائڻ واري تقريب کي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين مير خالد احمد خان لنڊ جي هدايتن موجب ضلعي جي اسپتالن توڙي پٺتي پيل علائقن جي بي ايڇ يوز کي جديد مشينري واريون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن هتان جي عام ماڻهن کي فائدو حاصل ٿي سگهي. ان موقعي تي مير نور محمد خان لنڊ چيو ته هنن جي خاندان هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي، ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ بغير ڪنهن سياسي فرق جي عوام جي ڀلائي خاطر اسڪيمون ڏنيون آهن. آر ايم سي اسلم نويد چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميه جي ڀرپور تعاون سان عوامي ڀلائي وارا سماجي ڪم جاري رکندي، هن چيو ته ڪمپني جو مقصد عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. . ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر الطاف سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي مئنيجر سي ايس آر ڪرنل رٽائرڊ فارق اعظم، سي ايس آر آفيسر هير الدين بلوچ سميت وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.










