گهر مان چوري ۽ ايس ايڇ او جي بدتميزي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

گهر مان چوري ۽ ايس ايڇ او جي بدتميزي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

سانگهڙ(ن س)سانگهڙ شاهپور چاڪر ۾ سياسي سماجي ساٿي سرور ڏاهري جي گهر مان چوري ۽ ساڻس ايس ايڇ او جي بدتميزي خلاف سول اسپتال سانگھڙ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سانگھڙ اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ننڍي ناياب ڏاهري پيرين اگهاڙي مارچ ڪيو، احتجاج ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، عبدالجبار جوڻيجو،ڪامريڊ جعفر سنڌي, سليم ڏاهري، مختيار لغاري، عوامي ورڪرز پارٽي جي ميرحسن مري, انساني حقوق ۽ سماجي اڳواڻ عبدالعفار نظاماڻي, عوامي تحريڪ جو راڻو ڪنڊاڻي, علي نواز ڏاھري, قومي عوامي تحريڪ جي قاسم عادل لغاري پ پ شهيد ڀٽو جي حسن لانڊر، پريس ڪلب جي صدر رضا خان نيشنل پريس ڪلب جي مصطفي ترين مٺو ڀائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي مظاھرين مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ بدتميزي ڪندڙ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اڃا وڌايو ويندو,,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو