گهر تان قبضو خالي ڪرائي ڏيو، معذور نوجوان جي اپيل

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(پٽار ڳوٺ جي رھائشي پوليو سبب معذور نوجوان ناصر علي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 22 جون تي علائقي جي دادا گيرن يامين عرف بلو پنجابي ۽ غلام رسول عرف سولا پنھنجي ڀائرن، پٽن ۽ ڪجھ نامعلوم ماڻھن سان گڏجي اسانجي گھر تي ڪاھ ڪري اسانجي گھر جو سامان گھر کان ٻاھر اڇلائي گھر تي قبضو ڪري ھٿيار بند ويھاري ڇڏيا آھن ۽ اسانجي قيمتي سامان تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي اسانجي علائقي ۾ انھن ماڻھن جو غنڊا راڄ قائم ٿيل آھي شريف ماڻھن کي تنگ ڪرڻ ھنن جو روز جو معمول بڻجي ويو آھي انھن ماڻھن جو سٽي ٿاڻي تي ڪرمنل ريڪارڊ پڻ موجود آھي اسين چيف جسٽس پاڪستان ؛ چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ ۽ وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد از جلد  قبضه مافيا مان اسانجي جان آجي ڪرائي وڃي ۽ اسانجي گھر تان قبضو ختم ڪرائي انھن غنڊن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو