اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت پهچڻ تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي آجيان ڪئي. ٻنهي شخصيتن پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري سان آڪٽوبر ۾ لا انفورسمينٽ ڊائلاگ منعقد ڪيو ويندو.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو انگ وڌائڻ ۾ آمريڪي تعاون انتهائي اهميت جوڳو آهي. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ گهرو وزارت ڀرپور مدد ڪندي. تازي دوري سان نيويارڪ ۾ اسلام آباد پوليس ۽ نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. اسلام آباد پوليس جو وفد جلد نيويارڪ جو دورو ڪندو پوليس آفيسرن کي نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ مان ٽريننگ ڏيارڻ جا خواهشمند آهيون.گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن کي پاڪستان جي آئين جي تحت هڪ جهڙا حق حاصل آهن. اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن، جڙانواله سانحي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي سامهون پيش ڪيو ويو.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ ٽي 20 ورلڊ منعقد ڪرڻ ڪامياب رهيو ۽ بهترين انتظام ڪيا ويا. آمريڪا عالمي ڪرڪيٽ جي منزل بڻيو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽه ملڪي سيريز ۽ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته شوقينن جي وڏي انگ دلچسپ ميچن مان مزو ماڻيو. گهرو وزير ۽ آمريڪي سفير جي ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد به موجود هئا.
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسو دوران سمورو سامان ڪي پي مان کڻي وڃڻ جو فيصلو
نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان اڪرم جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور