گهرو تڪرار، ظالم چاچي ڀائٽين جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ ۾ گھريلو تڪرار تان چاچي ولي محمد پنھور ۽ ٻين وارث پنھور جي گھر تي چڙھائي ڪري ڪيمڪل ھاري ست ڄڻن کي ساڙي ڇڏيو جن ۾ وارث پنھور ۽ غلام محمد پنھور علاج دوران زخمن جا سور نه سھي فوت ٿي ويا جڏھن ته رضوان ولد غلام سرور ، غلام رسول ولد فيض محمد ۽ ٻارڙي سوڌو ٽي ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿيا جن جي حالت اڃان نه سڌري سگھي غريب ھجڻ ڪري اسپتال مان ڊسچارج ڪري گھر روانو ڪري ڇڏيو، رضوان ۽ غلام رسول جون ٻئي ٽنگون سڙي وڃڻ ڪري اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ان موقعي تي سڙي زخمي ٿيل پورھيتن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار ولي محمد پنھور باھ ڏئي مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو رڙين تي پاڙي وارن اسان کي ڪڍي ورتو جسم کي ايتري قدر باھ وڪوڙي وئي جو ھنن پاڙي وارن مٽي ۽ گاھ وجھي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪيميڪل سبب اسي سيڪڙو جسم سڙي چڪو ھيو، بعد ۾ پوليس پھچي اسان کي ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو.هنن چيو ته جوابدار ولي محمد بااثر آھي پوليس ان خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، اسان سان انصاف ڪرڻ بدران جوابدار ڌر موتمار ڌمڪيون ڏئي رھي آھي، ھن چيو ته سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ٻه ايف آء آرون داخل ھجڻ باوجود پوليس ٽال مٽول ڪري رھي آھي ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير مراد علي شاھ، پ۔ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊي جي رينجرس، آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي سنڌ، ايس ايس پي اوڀر، ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ کان پرزور مطالبو ڪيو ته لاسي ڳوٺ سانحي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪثھڙي ۾ آڻي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو